ساڌو هيرانند

ساڌو هيرانند

ساڌو هيرانند

ساڌو هيرانند: ساڌو هيرانند، سنڌ جي عظيم سماج سڌارڪ، مکي شوقيرام آڏواڻيءَ جو ٽيون نمبر فرزند هو. وڏو نولراءِ، ان کانپوءِ تاراچند، هيرانند ۽ موتيرام. هيرانند، 23 مارچ 1863ع تي، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. پيءُ جي ترت لاڏاڻي کانپوءِ، نولراءِ، هيرانند ۽ ٻين ٻن ڀائرن جي سماجي پالنا ۽ تعليمي تربيت ڪئي. هيرانند، ابتدا ۾ آخوند ولي محمد جي مڪتب ۾ سنڌي ۽ فارسي سکي، پوءِ نارمل هاءِ اسڪول حيدرآباد [موجوده ٽريـننـگ ڪاليج حيدرآباد جي اسڪول] ۾ پڙهيو. 16 ورهين جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي. سندس ڀاءُ نولراءِ برهمو سماج کان متاثر هو، ۽ ان جي اڳواڻ ڪيشو چندر سين سان ملاقات ڪري، کانئس ڪافي اتساهه پرائي چڪو هو، ان ڪري هن 1880ع ڌاري ڀاءُ هيرانند کي، اڳتي پڙهائڻ لاءِ ڪلڪتي موڪليو، جتي هن ڪاميابيءَ سان مئٽرڪ ڏني ۽ تعليم سان گڏ برهمو سماج جي اڳواڻ، ڪيشو چندرسين سان سندس گهر ڀاتيءَ وانگر گذاريو. اتي ان وقت جي وڏين تاريخ ساز هستين سان کيس ملڻ جا موقعا مليا، جن ۾ رام ڪرشن پرمهنس (1836-1839) به هڪ هو، جنهن سان هن جا زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ناتا قائم رهيا. هيرانند، سنڌ جو پهريون شاگرد هو، جنهن مئٽرڪ ۽ گرئجوئيشن ڪلڪتي مان ڪئي. 1884ع ۾ هو جڏهن سنڌ موٽي آيو، ته ڪراچيءَ ۾، ’سنڌ سُڌار‘ (سنڌي) ۽ ’سنڌ ٽائيمس‘ (انگريزي) اخبارن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. نمائندن لاءِ ’خاطو‘ جو لفظ سندس ئي ايجاد ڪيل هو، جيڪو اڄ به ڪتب ايندو آهي. انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي وقت جو ذهين عالم ۽ سماج سڌارڪ ڏيارام گدو مل شهاڻيءَ، جيڪو سيشن جج جي سرڪاري عهدي تي هئڻ سبب پنهنجي ڳجهي نالي سان ليک لکي، هيرانند جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ موڪليندو هو. هيرانند پوءِ جلد ئي محسوس ڪري ورتو ته سندس ڪم ڪرڻ جو ميدان صحافت نه، پر سماج سڌار ۽ سماج شيوا آهي، تنهنڪري، 1887ع ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد هليو آيو، جتي پنهنجي وڏي ڀاءُ ساڌو نولراءِ سان گڏجي، 1888ع ۾، ٻنهي ڀائرن حيدرآباد ۾ ’يونين اڪيڊميءَ‘ جو بنياد وڌو، جيـڪا اڳـتي هلي ٻنهيءَ ڀائرن جي لاڏاڻي کانپوءِ سندن نالن پويان ’نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن ۾ نصابي تعليم سان گڏ سنسڪرت زبان جي پڙهائي ۽ اخلاقي سکيا تي به زور ڏنو ويندو هو. انگريزن جي حڪومت جي قيام کانپوءِ، اهو پهريون خانگي اسڪول هو، جنهن جو پرنسپال هيرانند ٿيو، جنهن جي ان وقت جي اسڪولن جي انسپيڪٽر جان جيڪب، نهايت عمدن لفظن ۾ ساراهه ڪئي هئي. ساڌو نولراءِ اڪيڊميءَ جي عمارت، حيدرآباد جي موجوده رسالا روڊ تي گول بلڊنگ جي سامهون واقع آهي، جنهن جي حاطي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1- حيدرآباد، سنڌ لا ڪاليج ۽ فاطمه گرلس هاءِ اسڪول قائم آهن. اسڪول جي مک ونگ جي ٻن ٿنڀن تي، سنگ مرمر جي ڪتبن تي ٻنهي بانين- ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند جا نالا سندن جنم ۽ لاڏاڻي جي تاريخن سميت اڄ تائين اڪريل آهن. نومبر 1890ع ۾ هندو سوشل رفارم ائسوسيئيشن جي پليٽفارم تان سنڌيءَ جي پهرين ماهوار مخزن ’سرسوتي‘ شايع ڪئي وئي، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند هو. جلد پوءِ ائسوسيئيشن هڪ ٻي مخزن ’سڌار پتريڪا‘، گرمکي لپيءَ ۾ ڪڍي، جنهن جو ايڊيٽر نولراءِ ٿيو. هي ٻئي علمي مخزنون هيون، جن ۾ عورتن جا ليک شايع ٿيندا هئا ۽ سماج جي ڪڌين رسمن خلاف ليک ڇپي، سماج ۾ سڌارن آڻڻ جي حمايت ڪئي ويندي هئي. هنن ٻنهي ڀائرن ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪوڙهه گهر، شڪارپور ۾ يتيم خانا ۽ حيدرآباد ۾ عورتن لاءِ اسپتال کولي، جنهن جو ساڌو هيرانند آنرري سيڪريٽري ٿيو. هنن ٻنهي ڀائرن کي ننڍپڻ جي شادين خلاف مهم جي نتيجي ۾ وڏين مخالفتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن حيدرآباد ۾ 1892ع ۾ ڪالرا جي وبائي بيماريءَ منهن ڪڍيو ته هيرانند بيمارن جي علاج ۽ خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. هنن ڀائرن ڇوڪرين جو پهريون اسڪول شروع ڪيو ۽ اتي پڙهائڻ لاءِ لکنؤ جي ٻن گوش ڀينرن کي مقرر ڪيائون، شراب ۽ جوئا خلاف سندن مهم سنڌي سماج تي وڏو اثر ڇڏيو. هنن سنڌو سڀا پاران ڇوڪرين جا ڪيترا اسڪول قائم ڪرايا. هيرانند، ڀاءُ جي قائم ڪيل زناني ٽريننگ ڪاليج ۾ مفت تعليم پڻ ڏني.
هيرانند، گرئجوئيشن کانپوءِ ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪري، ماڻهن جي مفت علاج لاءِ به سوچيو، جنهن لاءِ ان 1883ع ۾، ان وقت جي، عام ماڻهن جي مفت علاج ڪندڙ انگريز سول سرجن، ’ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ‘ سان لهه وچڙ ۾ آيو، پر هن جي اها خواهش پوري نه ٿي، پر باوجود ان جي، هو غريبن جي علاج لاءِ دوا درمل جو انتظام ڪندو رهيو. ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انگلنڊ هليو ويو، پر هيرانند ساڻس خط و ڪتابت جاري رکي. حيدرآباد جي هڪ عامل خاتون ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ جي خدمتن جي مڃتا ۾، پڪي قلعي ڀرسان هڪ بلڊنگ ٺهرائي، جيڪا هوم اسٽيڊ هال جي نالي سان مشهور آهي، جتي پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن قائم ٿي. ساڌو هيرانند جي مشوري سان، مرزا قليچ بيگ جي ڀاءُ، ڊاڪٽر جعفر قلي ايف. مرزا، طب جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ميڊيڪل سائنس جي يوناني طب سان ڀيٽ ڪئي وئي هئي، پر اهو مسودو، افسوس اڄڪلهه ناپيد آهي. مرزا قليچ بيگ، ساڌو هيرانند جي انهن همعصر دوستن مان هو، جنهن سان هو وقت به وقت سنڌي ادب بابت گفتگو ۽ گڏجي اڀياس ڪندو هو. هنن ٻنهي گڏجي مثنوي مولانا روم، ديوان حافظ، ڊارون جي ڪتاب ‘Origin of Species’ ۽ ٻين اهم ڪتابن جو اڀياس ڪيو هو. عورتن جي دک دؤر ڪرڻ لاءِ، ساڌو هيرانند جو هميشه هڏ ڪرڪندو هو، هن وس آهر زناني تعليم ۽ بيواهن جي زندگيءَ کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ کين سکيا ڏيڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. هن منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڦڦي چتر ٻائيءَ، جيڪا نابين هئي، ان کي بريل رستي، ايتري انگريزي سيکاري، جو هوءَ ڪلاسيڪي انگريزي شاعرن جا ڪتاب پڙهي ويندي هئي ۽ چڱيءَ ريت انگريزي ڳالهائي سگهندي هئي. ساڌو هيرانند حيدرآباد ۾ بهتر تعليم نه هئڻ ڪري، 1893ع ۾ پنهنجين ٻن ڌيئرن- لڇمي ۽ راميءَ کي بهار جي بانڪيپور شهر ۾ اگهور ڪامني پرڪاش راءِ وٽ، سندس نالي سان قائم ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پاڙهڻ لاءِ وٺي ويو، پر اهو سفر سندس زندگيءَ جو آخري سفر ثابت ٿيو، جو بانڪيپور ويندي رستي ۾ کيس بخار ٿي پيو، ۽ شهر پهچندي سندس حالت خراب ٿي پئي، تيز بخار 105 ڊگرين کان هيٺ لهي ئي نه، ۽ ان کانسواءِ کيس پيٽان دست ۽ رت اچڻ به بند نه ٿيا، نيٺ 14 جولاءِ 1893ع تي، صبح جو 11 وڳي، ساڌو هيرانند لاڏاڻو ڪيو. سندس ڀاءُ ساڌو نولراءِ، تار پهچڻ تي، يڪدم ريل رستي بانڪيپور پهتو، جتي ڪنهن کانئس پڇيو ته، ”توهان کي ڪو پٽ آهي؟“ نولراءِ ڏاڍي گنڀيرتا سان وراڻيو، ”مونکي هڪ پٽ هو، جنهن 30 ورهين، ٽن مهينن ۽ 23 ڏينهن جي ڄمار ۾ پرلوڪ پڌاريو.“ ساڌو هيرانند جي وفات کان ڪجهه مهينا پوءِ، 27 نومبر 1893ع تي ساڌو نولراءِ به لاڏاڻو ڪيو، ۽ ٻنهي ڀائرن جون سماڌيون حيدرآباد جي برهمو مندر جي آڳند ۾ الهندي پاسي ٺاهيون ويون. ورهاڱي کانپوءِ اها عمارت اويڪيو پراپرٽيءَ طور مهاجر ڪرنل حيدر کي الاٽ ڪئي وئي. انهيءَ هنڌ گذريل صديءَ ۾ 70ع واري ڏهاڪي دوران، گرائونڊ فلور تي، لبرٽي مارڪيٽ ۽ ان مٿان فليٽن تي مشتمل چار ماڙ عمارت ’حسين اسڪوائر‘ جڙي وئي ۽ برهمو مندر ۽ ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ جون سماڌيون مسمار ٿي ويون. هيرانند هڪ عظيم انسان هو، هو هڪ وقت اخبارن جو پيسٽر، ايڊيٽر، ڊاڪٽر، استاد، تعليمدان، فلانٿراپسٽ (ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ)، سماجي ڪارڪن ۽ سماجي سڌارڪ هو، جيڪو سوا ٽيهن سالن جي ڄمار دوران 10-11 سالن جي عملي زندگيءَ دوران خاموش نه ويٺو ۽ لڳاتار سماج جي سڌاري لاءِ پتوڙيندو رهيو. ساڌو هيرانند جي لاڏاڻي کان ڏهاڪو ورهيه پوءِ، سندس ساٿي ڏيارام گدومل شاهاڻيءَ، 1903ع ۾، Heeranand- A Humble Soul of Sindh نالي سان انگريزيءَ ۾، ساڌو هيرانند جي سوانح عمري لکي، جنهن جي مهاڳ ۾ هن لکيو ته، ”هيرانند، نوڙت جو پتلو هو. هو هڪ اهڙو نماڻو گل هو، جنهن جي سڳنڌ، سنڌ جي صحرائي هوا ۾ رچيل رهي. هو جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڌڪاريندو هو، ته اها هئي شهرت؛ ۽ مان ورهين کان انهيءَ ٻڏتر ۾ هوس ته اهڙي شخص جي زندگي، جيڪا ايڏي مختصر هجي، شايع به ڪرائجي ڇا؟، پر گهڻن ئي مسلسل پڇاڻن کانپوءِ، نيٺ مون سندس مختصر زندگيءَ جي سفر جي روئداد، انهيءَ اميد سان ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ٻين نماڻينن آتمائن کي آٿت ملي، جو جيڪڏهن سچ جي واٽ ۾ ڪا قرباني نه ڏبي، ته اتان به ڪا مدد نه ملندي.“ 24 ورهين کانپوءِ، ڏيارام کي خيال آيو ته ان ڪتاب ۾ ڪي سڌارا واڌارا آڻجن، پر پاڻ اهو ڪم ڪري نه سگهيو، ان ڪري هن هيرانند جي ويجهن دوستن- موتيرام ۽ پادري ريورنڊ پرموٿولئل سين کي خط لکيو، پر موتيرام توڙي پرموٿولئل جي تندرستي ٺيڪ نه هئي، ان ڪري ڪتاب جي واڌاري سڌاري جو ڪم هيرانند جي ويجهي بنگالي دوست، پادري جي. ڪي. ڪور (J. K. Kaor) ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو تبديل ڪري، ‘Heeranand: The Soul of Sindh’ جي عنوان سان، 1932ع ۾ شايع ڪيو، ۽ افسوس جو ڪتاب ڇپجي پڌري ٿيڻ کان اڳ ئي ڏيارام ۽ پرموٿولئل سين لاڏاڻو ڪري ويا. اڳتي هلي، حيدرآباد ميونسپل اسڪول جي سپروائيزر مولچند منگهي مل واسواڻيءَ هن ڪتاب جو منتخب سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو ساڌو هيرانند جي ناٺيءَ، رٽائرڊ ڪليڪٽر، حشمتراءِ لعل سنگهه گدواڻيءَ نظر مان ڪڍيو، 1938ع ۾ تاراچند شوقيرام جي مهاڳ سان ’هيرانند- سنڌ جي آتما‘ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن تاريخي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ٽي. آر. ڊي اداري جي سربراهه ظفر جوڻيجي، 70 ورهين کانپوءِ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. [هن مضمون جي تياريءَ ۾هيرانند، سنڌ جي آتما جي ٻئي ڇاپي ۾ وليرام ولڀ، ظفر جوڻيجي ۽ شوقيرام آڏواڻيءَ جي مهاڳن تان مدد ورتي وئي آهي.]


لفظ ساڌو هيرانندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.03.23  عيسوي

ساڌو هيرانند، سنڌ جي عظيم سماج سڌارڪ، مکي شوقيرام آڏواڻيءَ جو ٽيون نمبر فرزند هو. وڏو نولراءِ، ان کانپوءِ تاراچند، هيرانند ۽ موتيرام. هيرانند، 23 مارچ 1863ع تي، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بولچند تيرٿداس نارواڻي
حسني مبارڪ
عابده سلطان شهزادي
شفيع لاهوري مولانا
شاهد علي خان استاد ستار نواز
دراني آغا الهڏنو
سيد نور محمد شاهه
سيد فتح محمد شاهه لڪياري
عبدالرشيد ولهاري
ڀائي کيمچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون